ترقي پسند فڪر جو مطالعو- ڪتاب

ترقي پسند فڪر جو مطالعو- ڪتاب

ترقي پسند فڪر جو مطالعو

ترقي پسند فڪر جو مطالعو (ڪتاب ):هي ڪتاب قربان علي بگٽيءَ جي تنقيدي مضمونن تي مشتمل آهي، جڏهن ته هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري آهي. هن ڪتاب ۾ سائين جي.ايم. سيد، محمد ابراهيم جويي، رسول بخش پليجي، سراج الحق ميمڻ، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ ۽ ٽماهي مهراڻ جي ”گرامي نمبر“ تي سخت تنقيد ڪيل آهي. هن ڪتاب ۾ ترقي پسند تحريڪ جي مخالفت ڪندي، روايت پسندي ۽ مذهبي نقطه نگاهه کان تنقيد ڪئي وئي آهي. هي ڪتاب سنڌ نيشنل اڪيڊمي ٽرسٽ حيدرآباد پاران آگسٽ 2000ع ۾ شايع ٿيو. ڪچي جلد سان، 380 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 125 روپيا آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو